ٻارهن خانوادا

ٻارهن خانوادا: صوفياءِ ڪرام جا ٻارهن سلسلا، جيڪي هيٺينءَ طرح آهن: (1) سلسلو قادريه، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه سان، (2) سلسلو نقشبنديه، حضرت خواجا نقشبند رحه سان، (3) سلسلو صوفيه، حضرت شيخ صفي رحه سان، (4) سلسلو عبدالروسيه، حضرت شيخ عبدالروس رحه سان، (5) سلسلو نوريه، حضرت شيخ نورالحسن نوري رحه سان، (6) سلسلو شطاريه، حضرت شيخ عبدالله شطار رحه سان، (7) سلسلو يوسفيه، حضرت شيخ احمد يوسفي رحه سان، (8) سلسلو انصاريه، حضرت شيخ عبدالله انصاري رحه سان، (9) سلسلو زاهديه، خواجه بدرالدين زاهد رحه سان، (10) سلسلو قلندريه، حضرت محمد قلندر رحه سان، (11) سلسلو خضريه، حضرت احمد خضروي رحه سان ۽ (12) سلسلو حُسينيه، حضرت امام حسين عليه السلام سان منسوب ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو